سنڌ

ملڪ سخت معاشي بحرانن مان گذري رھيو آھي:قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته ھن وقت ملڪ سخت معاشي بحرانن مان گذري رھيو آھي. مھانگائي جي طوفان ۾ عام ماڻھو جي زندگي گذارڻ مشڪل بنجي وئي آھي. عمران سرڪار جيڪا ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو کڻي آئي ھئي اھا مڪمل طور ھر پاسي کان ناڪام بنجي وئي آھي. ملڪ جي معيشت کي آئي ايم ايف جي مرضي سان ھلايو پيو وڃي. عام کاڌي پيتي جي شين کان ويندي دوائن تائين سموريون شيون ايتريون مھانگيون ٿي ويون آھن جو انھن کي غريب مسڪين ماڻھن ۾ خريد ڪرڻ جي قوت ناھي رھي. اڃان عوام ھن مھانگائي واري طوفان ۾ بي حال آھي ته مٿان وري مني بجيٽ جو جبل ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، جنھن ۾ عوام کي مليل باقي رليف به کسيا ويندا. ملڪ جي معيشت جي ستياناس ڪندڙ حڪمران عوام جي بدحالي ۽ اھنجن کي گھٽائڻ يا فڪرمند ٿيڻ بدران سياسي بيان بازين ۽ مخالفن تي صرف تنقيدن ۾ پورا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button