سنڌ

سرداري ۽ جاگيرداري نظام ۾ انسان حق لتاڙيا پيا وڃن:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت ڪندڙ سجاول جي وڪيلن جي وفد ايڊووڪيٽ نصير ملاح، ايڊووڪيٽ اڪبر جماري، ايڊووڪيٽ غلام رسول ميربحر ۽ ايڊووڪيٽ عبدالغفور خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پھچي پارٽي سربراهه اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاهه بي 48 پرنس ٽائون قاسم آباد ۾ ملاقات ڪئي. اياز لطيف پليجي شموليت ڪندڙ وفد کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي ھن چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام ۾ انساني حقن کي لتاڙيو پيو وڃي. ماڻھن جي جان ۽ مال محفوظ ناھي. تعليم، صحت سميت سمورا ادارا ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري پنھنجي افاديت وڃائي ويٺا آھن. نياڻيون، ٻار ۽ اقليتون محفوظ ناھن. يونيورسٽين مان اسان جي نياڻين جا لاش ملي رھيا آھن. نوشين ڪاظمي جھڙن واقعن جي ڪري خوف جھڙو ماحول تعليم ۾ وڌيڪ رڪاوٽ وجھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته تعليم کانسوا اسان ترقي نٿا ڪري سگھون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button