اسلام آبادپاڪستان

فوج جون غيرقانوني اڏاوتون ڇڏي ڏنيون ته ٻيون ڪيئن ڪيرائينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪنٽونمينٽ ايراضي تي ڪمرشل سرگرمين بابت بچاءَ واري سيڪريٽري جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪنٽونمينٽ ايراضي تي ڪمرشل سرگرمين خلاف ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن سلسلي ۾ بچاءَ وارو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ رپورٽ پيش ڪيائين، جنهن کي عدالت غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا سئنيما، شادي هال، اسڪول ۽ گهر ٺاهڻ دفاعي مقصد آهن؟ ڪراچي ۾ سموريون غير قانوني عمارتون ڊهرائي رهيا آهيون، ائين نٿو ٿي سگهي ته فوج جي غير قانوني اڏاوتن کي ڇڏي ڏيون، فوج جي غير قانوني اڏاوتن کي ڇڏي ڏنو ته ٻين کي ڪيئن ڪيرائينداسين؟ چيف جسٽس چيو ته سڄي پاڪستان ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ايراضي تي اهو سلسلو جاري آهي، سي ايس ڊي کي به هاڻ اوپن ڪمرشل ڊپارٽمينٽ اسٽور ٺاهيو ويو آهي، گزري روڊ تي راتورات عمارت بيهاري وئي، اسان سمهي نه اٿياسين ته انهن عمارت بيهاري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button