اسلام آبادپاڪستانپنجاب

حلفي بيان شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو هو، خبر ناهي ڪيئن ليڪ ٿيو: راڻا شميم

اسلام آباد: گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، ڪنهن کي به شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو هو ۽ خبر ناهي ته ڪيئن ليڪ ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي حلفي بيان تي توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ راڻا شميم عدالت سامهون پيش ٿيو. شنوائي جي شروعات تي جسٽس اطهر من الله، راڻا شميم کي روسٽرم تي گهرائي سوال ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي؟ جنهن تي راڻا شميم چيو ته منهنجو وڪيل ٻڌائيندو ته جواب داخل ڇو نه ٿي سگهيو، منهنجي ڀا جو چاليهو آهي، ان کانپوءِ شنوائي رکو. چيف جسٽس چيو ته توهان 3 سالن کانپوءِ حلفي بيان ڏنو آهي، اخبار توهان جو حلف نامو عوام تائين پهچايو آهي، جنهن تي راڻا شميم جواب ڏنو ته حلف نامو شايع ٿيڻ کانپوءِ مون سان رابطو ڪيو ويو ته مان ڪنفرم ڪيو، منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، مون کي ناهي خبر ته اهو ڪيئن ليڪ ٿيو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button