پاڪستانخيبرپختونخوا

تبديلي جو اصل چهرو تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي: بلاول ڀٽو

پشاور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تبديلي جو اصل چهرو تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي. پشاور ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سليڪٽڊ پيپلز پارٽي کي پشاور ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني، ڪاغذي وڏي وزير جلسو روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان ايترو ظلم ڪري جيترو برداشت ڪري سگهي. اڄ عوام جو ميڙ ڏسو، سمورو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهن. پي ڊي ايم جو پشاور وارو جلسو به ناڪام رهيو. بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حڪومت اميرن کي رليف، غريبن کي تڪليف ڏيندي آهي، تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل معاهدي جو وزن عام ماڻهو مٿان وڌو ويو جنهن جي اسان گذريل 3 سالن کان مخالفت ڪري رهيا آهيون. هي ڊيل غيرقانوني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button