پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ مچ ۽ سگهڙ ڪچهري، هر طرف ثقافتي رنگ

ٽنڊوآدم: سنڌ ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽنڊوآدم ۾ آل ساند سماجي اتحاد پاران مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين، اديبن، شاعرن، وڪيلن، شاگردن ۽ سموري سنڌ مان ڪهي آيل ساند برادري جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آل ساند سماجي اتحاد جي سرواڻ نور محمد ساند صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ثقافت امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جو مظهر آهي، سڀ سنڌي گڏجي ثقافتي ڏهاڙو ملهائي پاڻ ۾ قومن ۽ ذاتين جا فرق مٽائي ڇڏيون ٿا. آل ساند سماجي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ غلام محمد ساند، معشوق علي ساند، وڏيرو عبدالطيف ساند، عبدالقيوم ساند، غلام شبير ساند، عاشق حسين ساند، ذوالفقار علي ساند، حبيب الله ساند، عبدالرحمان ساند، قادر بخش ساند، عبدالستار ساند، علي ڏنو ساند ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ثقافت 5 ھزار سال پراڻي آهي. سنڌي ثقافت امن ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي. ھنن چيو ته جيڪي قومون پنھنجي تھذيب، ثقافت کي وساري ڇڏين ٿيون، اھي قومون تاريخ مان مٽجي وينديون آهن. سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب دنيا جي چار وڏي تھذيبن مان ھڪ آھي. سنڌ جي سرزمين مفڪرن، اديبن ۽ صوفين جي ڪري دنيا ۾ الڳ حيثيت رکي ٿي. تقريب ۾ سگهڙ ڪچهري به منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سگهڙن ڏور بيت، نڙ بيت ۽ ڳجهارتون ڏئي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. سنڌ جي ناليواري ثقافتي راڳي جئه رام سنڌي قديمي ساز چنگ، بوڙينڊو ۽ ٻين تي جوهر ڏيکاريا. ناليوارن راڳين فائزه علي، شاهد جبار جوڻيجو، حمير علي خان، ڪامريڊ غلام نبي خاصخيلي ۽ ٻين فنڪارن ثقافتي سر وکيري محفل کي جهومائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button