پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ ثقافتي تقريبون، شاگردن جو رقص

ڪوٽ غلام محمد: “تعليم پرايو سنڌ سنواريو” جي سري هيٺ ثقافتي ڏهاڙي کي ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي عوام پاران ڀرپور نموني سان موٽ ڏني وڃي پئي. جمڙائو موري لڳ ڳوٺ ڪالو خان کوسو ۾ سياسي سماجي اڳواڻ محمد رفيق کوسو، محمد جمن کوسو، علي احمد کوسو ۽ اڳوڻي ڪائونسلر غلام مرتضى کوسو طرفان “علم پرايو سنڌ سنواريو” جي عنوان هيٺ ثقافتي رنگن سان سجيل ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حاجي عبدالله خان کوسو، نور محمد کوسو، محمد جمن کوسو، رحيم بخش کوسو، شمس الدين کوسو، ارباب خان کوسو، جھانداد علي کوسو، غلام رسول ڏاتر کوسو، ساجد علي کوسو، محمد نواز کوسو، خير محمد کوسو، اشفاق علي کوسو، شاھد آرائين، غلام نبي کوسو، صاحب حميد کوسو، ممتاز خاصخيلي، قاسم اوٺو، غلام حيدر، سڪندر کوسو، شبير احمد کوسو، اڪبر علي کوسو، ھدايت علي راھو ۽ ٻين اجرڪ ٽوپيون ۽ ثقافتي ويس وڳا پهريل نوجوانن توڙي ٻارڙن شرڪت ڪئي. مچ ڪچهري ۾ راڳين غلام حسين شاهھ، اقبال حيدري ۽ ٻڍل فقير توڙي ذڪاالله سنڌي ثقافتي محفل رچائي سج اڀاري ڇڏيو. ٻئي طرف ڳوٺ پٽيل منرو ڪولهي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي دي ڪنجل فيري ايليمنٽري اسڪول ۾ اونر سومار ميگهواڙ، هيڊ ماستر ساجن ميگهواڙ، خانچند پرمار، مئنيجر ناٿو پاران پروقار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن سنڌي ڳيتن تي جمهريون هڻي ثقافت کي اوجاگر ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button