پاڪستانسنڌ

حڪومت اڪيلي ڪجهه نٿي ڪري سگهي، نوجوان اڳتي اچن:غلام قادر ٿيٻو

عثمان شاهھ ھڙي: حڪومت اڪيلي ڪجهھ نه ٿي ڪري سگهي، نوجوانن کي اڳيان اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهي ڳالهيون اڳوڻي ايڊيشنل آ جي سنڌ پوليس غلام قادر ٿيٻو نوجوانن سان ڊاسوڙي ۾ گڏجاڻي ڪندي ڪيون. هن چيو ته ڊاسوڙي سميت سموري تعلقي جهنڊومري ۾ هڪ فلاحي تنظيم جو هجڻ ضروري آهي، جيڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت علائقي ۾ بهتري آڻي، اڪيلي سر سرڪار ڪجهھ به ناهي ڪري سگهندي، جنهن لا نوجوانن کي اڳيان آڻي رهيا آھيون، ڊاسوڙي يوسي ۾ 13 کان وڌيڪ تيل جا کوهھ هجڻ باوجود علائقي واسي صحت، صاف، پاڻي ۽ تعليم توڙي ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آھن، جنهن لا نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري علائقي سميت پوري تعلقي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آھي، جيترو به ٿي سگهي پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏياريو. ان موقعي تي عبدالسلام ٿيٻو، اسد قادر ٿيٻو، بئرسٽر اميد علي ٿيٻو، حاجي غلام محمد ٿيٻو، حاجي عمر ٿيٻو، ڪريم بخش ٿيٻو، اعظم ٿيٻو، فاضل، محمد رفيق ٿيٻو، شاهنواز ٿيٻو، خدابخش ٿيٻو، محمد ٿيٻو، منصور ٿيٻو، عاشق ٿيٻو، ميان محمد حسن، ميان عبيدالله ۽ ٻين مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button