پاڪستانسنڌ

ٻارن کان پروهيو ڪرائيندڙن خلاف قدم کنيو وڃي:ماجده رضوي

ٽنڊوالهيار: انساني حقن جي خلاف ورزي خلاف ڊي سي آفيس ۾ اجلاس چيئرپرسن سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جسٽس (ر ) ماجده رضوي جي اڳواڻي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ولي محمد بلوچ ۽ ايس ايس پي رخسار کهاوڙ ۔ سميت ضلعي جي آفيسرن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. چيئرپرسن سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جسٽس (ر) ماجده رضوي چيو ته منهنجي دوري جو مقصد ٽنڊوالهيار جي ماڻهن سان مشاورت ڪري انساني حقن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي، جنهن بعد هڪ رپورٽ ٺاهي سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي ويندي، انساني حقن جي خلاف ورزي جي روڪٿام لا ڪميشن سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، ليبر جي آفيسرن کي هدايت ٿي ڪريان ته هو سرن جي بٺن، شگر ملز ۽ ٻين ڪارخانن جو دورو ڪن، اتي ننڍن ٻارن کان مزدوري ڪرائي پئي وڃي ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن ۽ عورتن ۽ مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي به تحفظ ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button