پاڪستانسنڌ

وڏي وزير ڊاڪٽر نوشين واقعي جي عدالتي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چانڊڪا ميديڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين جي ڳجهي موت جي واقعي جي عدالتي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، يونيورسٽي انتظاميا مطابق سنڌ جي وڏي وزير پاران ڊاڪٽر نوشين جي وارثن جي اطمينان مطابق واقعي جي انڪوائري جو به حڪم ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته هن کان اڳ سنڌ جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين جي والد پاران پوسٽ مارٽم رپورٽ رد ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر نوشين جي پي سيد هدايت الله شاهه جو پوسٽ مارٽم رپورٽ تي چوڻ هو ته منهنجي ڌيءَ خوشي سان پڙهڻ وئي هئي، نوشين ڊاڪٽر بڻجي سماج جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکندي هئي، نوشين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي نٿا مڃون.

ڊاڪٽر نوشين جي والد پوسٽ مارٽم رپورٽ کي رد ڪندي جڊيشل انڪوائري جي گهر ڪئي هئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي ايم بي بي ايس چوٿين سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي آيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جو سبب ڦاهو کائي مرڻ قرار ڏنو ويو هو. واضح رهي ته هلندڙ مهيني 24 نومبر تي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو ڦاهو لڳل لاش ڪمري مان مليو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button