پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ زوري پرڻايل ڇوڪري جو ڪيس داخل نه ٿيو

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊوجان محمد جي وارڊ نمبر 3 قاضي ڪالوني جي رهواسڻ 11 ورهين جي ماريه پنهنجي والد جمعون خاصخيلي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ صحافين کي ٻڌايو ته ما ۽ پي ۾طلاق هجڻ ڪري ما نور خاتون سان گڏ رهندي هيس، منهنجي ما منهنجي مرضي خلاف صديق ڌانڌل جي گونگي ٻوڙي پٽ راجا ڌانڌل سان ڪرايو هو، نڪاح بعد هنن مون کي زوري زبردستي وٺي وڃي ڪراچي رهايو، مون هنن کي چيو ته مون کي شادي قبول ناهي، طلاق ڏني وڃي، پر هنن قيد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مون ڦاهي کائي مرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپو هنن مون کي گاڏي جي ڀاڙي جا پئسا ڏئي منهنجي ما سان گڏ ٽنڊو جان محمد موڪليو، هتي مون والد کي آگاهه ڪيو، هاڻ پنهنجي والد جمعون خاصخيلي سان گڏ رهان پئي، منهنجي والد ناجائزي خلاف عدالت ۾ دانهيو، عدالت منهنجا بيان وٺڻ بعد ستن ڄڻن راجا ڌانڌل، جاني عرف بگو ڌانڌل، صديق ڌانڌل، دلبر ڌانڌل، رحيمان زال صديق ڌانڌل، حليمه خاصخيلي ۽ منهنجي ما نور خاتون خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، جيڪو ظلم آهي. هن ايس ايس ڇي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button