اسلام آبادپاڪستان

آرڊيننس ذريعي تعليمي ادارا ميونسپل حوالي ڪرڻ خلاف استادن جو ڌرڻو

اسلام آباد: آرڊيننس ذريعي اسلام آباد جا تعليمي ادارا ميونسپل ڪارپوريشن ماتحت ڪرڻ تي استادن جو احتجاج گذريل ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. ڪالهه اسلام آباد پريس ڪلب کان ڊي چوڪ تائين ريلي ڪڍي، ڊي چوڪ تي لڳايل ڪنڊيدار تار ۽ رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون. ان دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙ پاڻ ۾هٿين پئجي ويا. وفاقي گادي واري هنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون معطل ٿئي 3 ڏينهن گذري ويا. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي تحت سمورن اسڪولن هڙتال ۽ بائيڪاٽ ڪندي سوين استاد ۽ غير تدريسي ملازم پريس ڪلب سامهون پهتا. انهن پريس ڪلب کان ڊي چوڪ تائين ريلي ڪڍي، سوين ٽيچرز پارليامينٽ هائوس جي سامهون ڌرڻو هنيو ۽ ٽيچرز پاران حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. استادن چيو ته مطالبا منظور ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. جنهن کان پوءِ ٻڌي جي اظهار لاءِ خواجا آصف به استادن جي ڌرڻي ۾ پهتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته آرڊيننس ذريعي استادن ۽ تعليمي ادارن کي ان جي حوالي ڪيو ويو جن جو تعليم سان ڪوئي تعلق نه آهي. خواجا آصف استادن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو ته استادن جا مطالبا اسيمبلي ۽ ميڊيا سميت هر فورم تي پهچايا ويندا. گڏيل اپوزيشن آرڊيننس ۽ حڪومت جي ان قدم خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندي. ملڪ جون حالتون تڏهن ٺيڪ ٿينديون جڏهن شفاف چونڊون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button