اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 ڄڻا فوت، 377 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 ماڻهو فوت ۽ وڌيڪ 377 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين جي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 377 ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ 364 مريض صحتياب ٿي ويا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 85 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 745 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 12 لک 85 هزار 631 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 14 هزار 168 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 904 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته 12 لک 42 هزار 718 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 44 هزار 137 ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته 6 لک 20 هزار 643 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button