بلوچستانپاڪستان

“گوادر جي حقن لاءِ عورتن ۽ ٻارڙن جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪوئيٽا: “گوادر کي حق ڏيو” تحريڪ جو ڌرڻو گوادر ۾ گذريل 18 ڏينهن کان جاري آهي، تحريڪ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گوادر، پسني، اورماڙا ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻئي پاسي تحريڪ جي حق ۾ مظاهرو ڪندڙ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي کي مختلف جاين تان بند ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي گوادر کي حق ڏيو تحريڪ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گوادر، پسني ۽ اورماڙا ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند پيل آهن. تحريڪ جي حق ۾ سربندن جي مقام وٽ گوادر-ڪراچي ڪوسٽل هاءِ وي کي بند ڪيو ويو آهي، مظاهرو ڪندڙن پسني ۽ اورماڙا زيرو پوائنٽ به ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏي آهي. شرڪت ڪندڙن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي مطالبن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button