پاڪستانپنجاب

آءِ ايم ايف قرض عيوض سڀ ڪجهه لکرائي ورتو آهي: گورنر پنجاب

لنڊن: پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته آءِ ايم ايف قرض جي بدلي ۾ اسان کان سڀ ڪجهه لکرائي ڇڏيو آهي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري سرور چيو ته پارٽي طرفان عهدو ڇڏڻ جو چوڻ ڪوڙ آهي ۽ سائيڊ لائين ڪرڻ وارو تاثر به غلط آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف 60 لک ڊالر قرض جي بدلي ۾ اسان کان سڀ ڪجهه لکرائي ورتو آهي. ٻئي پاسي پنجاب جي گورنر جي پارٽي کان ڪاوڙ بابت سوال تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ انيل مسرت چيو ته ڀاءُ ڀيڻن ۾ به جهيڙا ٿي ويندا آهن اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، محمد سرور پراڻو ساٿي آهي، ڪاوڙيل نٿو لڳي، هي ايندڙ چونڊن ۾ به اسان سان گڏ ئي هوندو. انيل مسرت جو چوڻ هو ته عمران خان آخري ٻن سالن ۾ واعدا پورا ڪرڻ لا هر ممڪن ڪوشش ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button