پاڪستانسنڌ

پي ٽي آ سنڌ نئين بلدياتي ترميمي بل کي چيلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي: تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن نئين بلدياتي ترميمي بل کي چيلينج ڪري ڇڏيو. اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ ٻين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ترميمي بل ذريعي پيپلزپارٽي سمورن وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي.

ان موقعي تي حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي چور دروازي مان بل آڻي رهي آهي. بلدياتي ادارن کان سمورا اختيار واپس ورتا پيا وڃن. هن چيو ته تعميراتي آرڊيننس جي تحت رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهيو پيو وڃي. حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ تعميرات لاءِ ڪميشن ٺاهيو ويندو. تعميرات جو آرڊيننس پنهنجي ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم جو گند صاف ڪرڻ لاءِ آندو پيو وڃي.

حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جانور ٻڌل آهن. نسلا ٽاور جا متاثرين مظلوم آهن، کين معاوضو ڏيڻ گهرجي. خرم شير زمان چيو ته وزيراعظم ايندڙ چونڊن ۾ شفافيت لاءِ اي وي ايم آڻڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف بلاول بلدياتي چونڊن ۾ ٻه نمبري لاءِ سيڪريٽ بيلٽ جو قانون آڻڻ چاهي ٿو. ڳجهي بيلٽ سان راءِ شماري ۾ اميدوارن کي خريد ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button