پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف ڪيو اي ٽي جا مظاهرا

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف مختلف شھرن ۾ ڪالھه پنجين ڏينھن به ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد ۾ نسيم ننگر چوڪ کان ريلي ڪڍي پڪوڙا چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، رفيق ڪنراڻي، مڪيش اوڏ، دلدار ابڙو، رفيق احمداڻي، بابو ميمڻ ۽ ٻين ڪئي، ڪنڌڪوٽ ۾ سٽي پارڪ کان ارصلاح بھلڪاڻي، سجاد بروھي، سرمد جاگيراڻي، شعيب ڊومڪي، اعجازبجاراڻي، فدا محمداڻي، رحمت الله ڇڄڻ ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، ماتلي ۾ ڪيلاش مڪواڻو، غلام محمد چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، جيڪب آباد ۾ چاڪر جوڻيجو، عثمان سومرو، زاهد گرگيج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ڪوٽڙي ۾ عبدالستار لُھر، محمد عرس رند، مبارڪ احمداڻي، مقصود علي ساند، مقصود جھتيال، ذاڪر بلوچ ۽ ٻين خدا جي بستي 3 نمبر کان ٻٻر اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي، دڙو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، رفيق بلاولي، جمن ملاح ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، ميرواھه گورچاڻي ۾ انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي، سائين مجيد ٻگھيو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، مٺي ۾ زاھد گل اوٺو، وڪيل شاھنواز ھنگورجو جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ظالم سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي ڪري اقتدار ۾ پھتل وڏيرا شاھي ھر دور ۾ سنڌ جو سودو ڪري سنڌ جو پاڻي، سنڌ جون نوڪريون، شھر ۽ زمينون اقتدار عيوض ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن. سردار ۽ جاگيردار سنڌ ۾ ڪوڙين چونڊن ذريعي سوديبازي ڪري اقتدار حاصل ڪن ٿا. ھر دور ۾ سرداري نظام ناحق نوجوان ۽ نياڻيون قتل ڪرائي ڇڏي ٿو، جن جو مثال ناظم جوکيو، فھميدا سيال، ميمونا سومرو، قرت العين بليدي، نائٔلا رند، نمرتا چنداڻي، نوشين ڪاظمي، ڪانھا ڪمار ۽ ھزارين ٻين ماڻھن جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو. اڳواڻن چيو ته ھن انسان دشمن سماج کي رد ڪريون ٿا، سنڌ جي ايندڙ نسلن کي ھن سرداري ۽ جاگيرداري نظام کان محفوظ بڻائڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button