اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مني بجيٽ ۾ هفتو لڳي سگهي ٿو،گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي:ناڻي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين عوام کي مشورو ڏنو آهي ته گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي. مني بجيٽ اچڻ ۾ هفتو يا 10 ڏينهن لڳي سگهن ٿا. ٻن چئن مهينن جو وقت ڏکيو آهي، سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي بابت صلاحڪار جو چوڻ هو ته عام ماڻهو دٻاءَ ۾ آهي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي عالمي سطح تي وڌي رهي آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ مهانگائي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، جيڪي شيون مهانگيون ٿيون اهي درآمد واريون شيون آهن. معيشت ۽ معاشي حالت سڌي رخ ۾ آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن وقت روينيو 36 سيڪڙو وڌيڪ رهيو. روينيو ۾ واڌ جو مطلب آهي ته ملڪ جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هن عوام کي تسلي ڏيندي چيو ته گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ٿورو اڃا صبر ڪيو، اگهه گهٽ ٿيندا. سندس چوڻ هو ته احساس آهي ته هيٺيون ۽ وچون طبقو پريشان آهي، سبسڊي ڏيڻ جي پروگرام آڻيون پيا، مارڪيٽ ڪرندي آهي ته هيڊ لائين بڻبي آهي. هن چيو ته مني بجيٽ پهرين اي سي سي پو ڪابينا ۽ ان کانپو پارليامينٽ ۾ ايندي. مني بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام مان 200 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي ويندي. جتي ايف بي آر ويلوئيشن حقيقي نه هوندي، ان کي صحيح ڪيو ويندو. ناڻي وزير چيو ته ڊالر جي حقيقي قيمت 161 رپيا هجڻ گهرجي پر پيشنگيوئين سبب وڌي وئي آهي، جيڪا ٺيڪ ٿي ويندي. هن چيو ته ٽيڪسٽائل کان هٽي ڪري غيرروايتي شعبن ۾ به برآمدات وڌائڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button