اسلام آبادپاڪستان

احساس پروگرام ۾ 4 لک معذورن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي:عارف علوي

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جو خاص خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ذميداري آهي ته انهن لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري، کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ تعليم ۽ ملازمتن ۾ ٻين شهرين جي برابر ۽ سازگار موقعا فراهم ڪيا وڃن. معذور ماڻهن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنر ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. احساس پروگرام ۾ 4 لک خاص ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي خاص ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ٻارن جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ذميدارين کي سمجهڻو پوندو، خصوصي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن جا چار قسم آهن، انهن ۾ ٻڌڻ، ڏسڻ، عام جسماني معذوري ۽ ذهني معذوري شامل آهن، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عام جسماني معذور ماڻهو ٻين شهرين جي برابر ذهين هوندا آهن. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاملن تي معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، بازارن ۽ عوامي هنڌن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هر جڳهه تي خصوصي ماڻهن لاءِ ريمپ بڻائڻ گهرجن، هاڻي هر عمارت ۾ ريمپ لازمي ٺاهڻا پوندا. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري خطاب ۾ چيو ته حڪومتن جي ذميداري آهي ته هو خصوصي ماڻهن کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم ۽ قانون سازي ڪن، موجوده حڪومت خصوصي ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ قانوسازي ڪئي آهي، انهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص آهي، جيڪي ادارا ان ڪوٽا تي عمل نه ڪري رهيا آهن انهن جي فهرست جوڙي ورتي آهي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button