پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻو ثقافتي رنگن سان رڱجي ويو، تقريبون، قومي گيتن تي رقص

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي قومي ثقافتي عيد جي حوالي سان مختلف تعليمي ادارن اندر سنڌي ثقافت جو زبردست تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن، شهر سنڌي ثقافت جي انڊلٺي رنگ سان رنگجي ويو، ان سلسلي ۾ ڪالھه لاڙڪاڻي شهر جي مک گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ماسترياڻين توڙي شاگردياڻين سنڌي ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آڊيٽوريم هال ۾ خوبصورت پروگرام ۾ شاگردياڻين ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي قومي ۽ ثقافتي گيتن تي رقص ڪيو.

تقريب ۾ سنڌ جي ثقافتي رنگن کي نمايا ڪرڻ سان گڏ سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽارز جي ٽيم طرفان سنڌ سرسبز بڻايو جي عنوان سان وڻڪاري اسٽال پڻ لڳايو ويو، ان موقعي تي لاڙڪاڻه گرين اسٽارز ٽيم جي سرواڻ ذوالفقار مگسي طرفان گرلس هاءِ اسڪول جي پرنسپل ميڊم ممتاز سولنگي کي هڪ سئو گلن ۽ وڻن جي ٻوٽن سان گڏ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو. گسٽا اڳواڻ شهناز مغل ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، هوڏانهن گورنمينٽ گرلز ماڊل هاءِ اسڪول ۾ پڻ زبردست ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين اجرڪ شالون، سنڌي ويس وڳا پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، صوفي راڳي معشوق فقير سرن جي ورکا ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ان موقعي تي رخسانه لاکو، مصرت ابڙو، نصرت ابڙو، نائلا لغاري، نسيم بليدي، شاگردياڻين اقصيٰ جتوئي، قرت العين، ثنا بلوچ، دعا جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي پاسي شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ نجي آءِ بي اي کهڙو هاءِ اسڪول ۾ خوبصورت تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر محمد صالح کهڙو، ميڊم طاهره، امبرين، ريحانه، اقرا، خالده، انم، صبا، خوشبو، ثانيه، مس حنا، مس سنڌو سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button