پاڪستانسنڌ

فريدآباد گرلز ھا اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام، شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پيش

فريدآباد: فريدآباد گرلز ھا اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ٿيو، جنهن جي شروعات آپا نظيران سومرو قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي، جنھن کانپو تقريب ۾ شاگردياڻين سنڌ ۽ سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو، تقريب کي ھيڊماسترياڻي آپا غلام فزا جتوئي، آپا سلطانه چنا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم ذريعي ئي معاشرو ترقي ڪري ٿو علم جهالت جي خلاف هڪ وڏو هٿيار آهي.

هنن چيو ته اجرڪ ٽوپي، مهمان نوازي، سهپ، رواداري اسان جي ثقافت آهي، دنيا جون مهذب سڌريل قومون ملڪ ۽ پنهنجي ثقافت سان پيار ڪنديون آهن. جڏهن ته اسڪول جي شاگردياڻين طيبا سومرو، مسڪان جوڻيجو، سپنا خاصخيلي، پارس خاصخيلي، انم سيلرو، شيرين سيلرو، عطيا خاصخيلي، شمائلا بروھي، پرويشا سيلرو ۽ ٻين ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪري سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button