پاڪستانسنڌ

ميهڙ لڳ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون ڏنيون

ميهڙ: ميهڙ ڀرسان 2 ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل عباس چانڊيو جي وارثن خالد چانڊيو، صدام، غلام مصطفى، مختيار سنڌي، محمد امين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ها وي روڊ اٽڪ پمپ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏنيون، جنهن سبب ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي.

جڏهن ته ڌرڻي ۾ پ پ ايم پي ايز سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو، سچوا جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو پهچي مظاهرين سان ڳالهين بعد فون تي ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ سان رابطو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو چيو، جڏهن ته پ پ پ ايم پي ايز ۽ ايس ايس پي دادو جي خاطري بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته مقتول جي وارثن پاران ايس ايڇ او اي سيڪشن زاهد کوسو تي جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ سبب ڊي ايس پي دادو واقعي جي جاچ ايس ايڇ او ڪي اين شاهه اڪبر چنا جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن چيو ته قاتل جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ٻيهر انڊس ها بلاڪ ڪنداسين، ھوڏانھن ايم پي اي برھان خان چانڊيو تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي ۽ انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button