پاڪستانپنجاب

سيالڪوٽ سانحي جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم حوالي/ 900 ماڻهن خلاف دهشتگردي ڪيس داخل

لاهور/سيالڪوٽ:سيالڪوٽ ۾ مڇريل هجوم جي تشدد سبب سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي وحشياڻي قتل جو دهشتگردي جو ڪيس 900 ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس مک جوابدار سميت 112 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پريانٿا ڪمارا جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري ملازمن ۽ مڇريل هجوم جي تشدد سبب سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي وحشياڻي قتل جو اگوڪي ٿاڻي تي پوليس دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته مُک جوابدار فرحان ادريس کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. 900 ماڻهن خلاف سب انسپيڪٽر جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب راجڪو فيڪٽري جي اندر 900 ماڻهو ڏنڊا کڻي موجود هئا. سمورا ماڻهو سريلنڪن شهري جي لاش کي روڊ تي گهليندا رهيا، نفري گهٽ هجڻ سبب ميڙ کي نه روڪيو ويو. ايف آءِ آر موجب مڇريل ماڻهن جي ميڙ لاش روڊ تي رکي باهه ڏئي ڇڏي. شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته مڇريل ماڻهن جي ميڙ مذهبي توهين جي الزام ۾ سريلنڪن شهري کي قتل ڪيو. جوابدارن سريلنڪن شهري کي قتل ڪري ان جي لاش جي بيحرمتي ڪئي. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس پاران سي سي ٽي وي رڪارڊنگ قبضي ۾ وٺي اسپيشل ٽيم جوڙي وئي آهي. هوڏانهن سيالڪوٽ واقعي جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ڏانهن اماڻي وئي آهي. شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فيڪٽري جي مشين تي مذهبي حوالي سان هڪ پوسٽر لڳايو ويو هو. پرڏيهين جي دوري سبب مئنيجر اسٽاف کي پوسٽر هٽائڻ جو چيو. ملازمن جي انڪار تي مئنيجر پوسٽر پاڻ هٽائي ڇڏيو. پنجاب حڪومت شروعاتي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مُک جوابدارن سميت هينئر تائين 112 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. سيالڪوٽ ۾ اهڙا ماڻهو جن ماڻهن کي ڀڙڪايو، انهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مُک جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي ته جيئن وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي. فيڪٽري جي مئنيجر جي مدد سان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي. هوڏانهن سيالڪوٽ سانحي جي رپورٽ پنجاب جي وڏي وزير ڏانهن به اماڻي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مارڪٽ جو واقعو صبح جو 11 وڳي شروع ٿيو. يارنهن لڳي 25 منٽن تي 3 اهلڪار موقعي تي پهتا. واقعي کان ڪجهه دير اڳ ورڪرز کي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي تي فارغ ڪيو ويو. مئنيجر جي سخت ڊسيپلين ۽ ڪم وٺڻ تي ورڪرز پهريان ئي ڪاوڙ ۾ هئا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه پرڏيهي ڪمپنين جي وفد کي فيڪٽري جو دورو ڪرڻو هو، مئنيجر ملازمن کي چيو ته سموريون مشيون صاف هجڻ گهرجن. مئنيجر مشين تي لڳل پوسٽر هٽائڻ جو چيو. مبينا طور تي جڏهن فيڪٽري ملازمن پوسٽر نه هٽايو ته مئنيجر پاڻ هٽائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ ملازمن پوسٽر هٽائڻ جو بهانو بنائي مئنيجر تي تشدد ڪيو. ملازمن چيو ته پوسٽر تي مذهبي لفظ لکيل هئا، واقعي وقت فيڪٽري مالڪ غائب هئا.ٻئي طرف سيالڪوٽ ۾ قتل ٿيل سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پريانٿا ڪمارا جو اڪثر جسم سڙيل مليو، جڏهن ته سندس ٽنگون ۽ پيرن جو هيٺيون حصو باهه کان محفوظ رهيو پر باهه ۾ بچيل حصي جا هڏا ٽٽل مليا آهن. ذريعن موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جي گهرو وزارت سريلنڪن سفارتخاني سان رابطو ڪري ورتو آهي، پريانٿا ڪمارا جو مڙهه اڄ خاص اڏام ذريعي اسلام آباد پهچايو ويندو، جتان سري لنڪن سفارتخاني جا عملدار لاش کي سري لنڪا کڻائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button