عالمي

مڙس معصوم انسان هو،پاڪستاني وزيراعظم انصاف ڏي:پريانٿا جي زال

ڪولمبو:سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن جي هٿان قتل ٿيل سريلنڪا جي فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي گهرواري نيروشي دسانيا پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي کي انٽرويو ڏيندي مقتول فيڪٽري مئنيجر جي گهرواري جو چوڻ هو ته مڙس هڪ معصوم انسان هو، خبرن ۾ خبر پئي ته پرڏيهي ملڪ ۾ ايترو ڪم ڪرڻ باوجود منهنجي مڙس کي بيدردي قتل ڪيو ويو. هن سريلنڪا جي صدر ۽ پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته منهنجي مڙس ۽ ٻن ٻارن کي انصاف ڏنو وڃي. جڏهن ته مقتول فيڪٽري مينيجر جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته پريانٿا 2012 کان سيالڪوٽ جي ان فيڪٽري ۾ ملازمت ڪري رهيو هو. فيڪٽري جي مالڪ کانپوءِ پريانٿا ئي ان جو سڄو نظام سنڀاليو هو. رپورٽ موجب تعليم جي حوالي سان پريانٿا هڪ انجنيئر هو، سندس ٻه ٻار آهن جن جون عمريون 19 ۽ 9 سال آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button