پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ ثقافتي ڏينهن تي سيف جي اسڪول ۾ سائنس ۽ آرٽ ايگزيبيشن

ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ ثقافتي ڏينهن جي نسبت سان سنڌ ايجوڪيشن فائوڊيشن (سيف) جي آئيڊل پبلڪ اسڪول ۾ سائنس ۽ آرٽ ايگزيبيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ڪيو، خبر موجب ڪڪڙ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائوڊيشن جي آئيڊل پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي ڏينهن جي نسبت سان سائينس ۽ آرٽ ايگزيبيشن جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ ايمبيشن ماڊل اسڪول، دي نيشن اسڪول دادو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو پروگرام جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي مختيارڪار خيرپورناٿن سعيد احمد کوهارو، شاهه محبوب مگسي، شوڪت علي ٿهيم، عبدالمجيد جوڻيجو، سجاد حسين جوڻيجو، محمد اقبال چارڻ، اعجاز حسين چانڊيو، ضياءُ الدين ساريو، مظفر حسين جوڻيجو، نثار احمد نائچ ساڻس گڏ ھئا.

ان موقعي تي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ترقي يافتا قومن جو راز تعليم آھي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان رٿيل سائينس ۽ آرٽ ايگزيبيشن جي پروگرام ۾ معصوم شاگردن جو هٿن سان تيار ڪيل پريڪٽلي ورڪ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، هي معصوم شاگرد مستقبل جا معمار آھن، ان موقعي تي علي حسن جوڻيجو، نمرا جوڻيجو، ماريه سمون، اويس شاهه، فيضان نوداڻي، زويا احمد، ميرا ڪائنات، فراز ٻٻر، ڪاشف، فرقان علي جوکيو سميت ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سٺي پرفارمنس تي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button