پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص واسي اڄ ثقافتي عيد ملهائڻ لا بي تاب، تياريون مڪمل

ميرپورخاص: “سنڌ ايڪسپريس” پاران “تعليم پرايو، سنڌ سنواريو” جي سري ھيٺ ميرپورخاص ۾ اڄ ثقافتي عيد ملهائي ويندي، جنهن لا تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هوڏانهن گلستان بلديه پارڪ ۾ مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري اسڪولن پاران پروگرام ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف قومي ۽ ثقافتي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ ما کي ڀيٽا پيش ڪئي. شاگردن توڙي شاگردياڻين پنهنجي تقريرن ۾ سنڌ جي ثقافت بابت ڄاڻ ڏني. منعقد تقريب ۾ لٽل فوڪس اسڪول جي سي آ او سماجي اڳواڻ رئيس احمد خان ۽ ڊي او سيڪنڊري چمن لال سميت استادن ۽ شاگردن ثقافتي ويس پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لٽل فوڪس اسڪول جي ٻارن قلندري ڌمال تي ٽيبلوز پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. شاھين اسڪول جي شاگردن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. شاهه عبدالطيف اسڪول جي شاگردن ڀٽ جا ڀٽائي گيت تي پرفارمنس ڪري ثقافتي رنگ وکيري ڇڏيا. اپوا اسڪول، ڪانجي راڻو اسڪول، مومنٽ اسڪول، شاھين اسڪول ۽ ھوپ ھائير سيڪنڊري اسڪول سميت مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي ۽ ثقافتي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري ثقافت تي تقريرون ڪري سنڌ جي قديم ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button