پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ ثقافتي ڪچهري، ڌرتي سان محبت لا ريلي

سرھاڙي: سرھاڙي شھر جي وارڊ نمبر پنج فقيرآباد پاڙي ۾ مڱڻھار برادري پاران سنڌ جي مشهور فنڪار مصري فقير جي اوطاق تي ثقافتي پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نوجوانن توڙي ٻارن ثقافتي ويس، اجرڪ، ٽوپيون ۽ پٽڪا پائي اوطاق کي ٽڪ جي رلين ۽ اجرڪن سان ڪنوار وانگر سينگاري ثقافتي ڪچھري جو اھتمام ڪيو، جنھن ۾ سنڌ جي مشھور فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي. فنڪارن يعقوب علي مڱڻھار، اختر حسين، آفتاب، امداد علي، فقير عبدالحفيظ، خوشدل ۽ ٻين قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪري جھمريون ھنيون. ان کان اڳ پروگرام جي آرگنائيزر عارف حميد مڱڻھار، وقار سنڌي، خادم مڱڻھار، فقير عبدالحميد مڱڻھار ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته “علم پرايو سنڌ سنواريو” جي عنوان ھيٺ ھن ڀيري ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ واري اعلان سان تعليم جي واڌاري واري جاڳرتا مھم شروع ٿي آهي، جيڪو ھڪ بھترين عمل آهي. هوڏانهن مذھبي تنظيم اصلاح اعمال پروگرام جي اڳواڻن حافظ اختيار علي جمالي جي اڳواڻي ۾ چاندني چوڪ کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مذھبي جماعت جي ٻارڙن، بزرگن ۽ نوجوانن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button