پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي جي ها اسڪول ۾ شاگردن جي ريلي، ٽيبلوز پيش

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي جي گورنمينٽ ها اسڪول ۾ “سنڌ ايڪسپريس” جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ شاگردن شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شاگردن قومي ڏھاڙي جي حوالي سان بھترين تقريرون ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو. شاگردن جهمريون هڻندي سنڌي گيت ڳايا. ان سلسلي ۾ ھيڊماستر ذوالفقار علي عاقلاڻي، استادن ۽ شاگردن چيو ته سنڌ جي ثقافت تمام قديم آهي، سنڌ اسان جي ماءُ ۽ ان جي ثقافت اسان جي عزت آهي، جنهن جي ھر صورت ۾ مالڪي ۽ حفاظت ڪندا رھنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button