پاڪستانسنڌ

شهرن جي ماسٽر پلان لا ڊگهي منصوبابندي ڪئي وڃي:عذرا پيچوهو

نوابشاهھ: صحت ۽ پاپوليشن کاتن جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته شهرن جي ماسٽر پلان جي تياري ۾ وڌندڙ آبادي ۽ معاشي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي وڏي عرصي لاءِ پلاننگ ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ آبادي جي ضرورتن مطابق تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سميت ٻين شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حڪومت جي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي پاران اربن پاليسي ۽ اسٽريٽيجڪ پلاننگ تحت نوابشاھه، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ شهرن جي 2037ع تائين ماسٽر پلان جي تياري جي سلسلي ۾ ڊي سي آفيس جي دربارهال ۾ منعقد ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته شهرن جي ماسٽر پلان جي حتمي تياري کان پهريان شهرن جي مڪمل سروي ۽ موجوده شهري سهولتن کي نظر ۾ رکندي پلاننگ ڪئي وڃي، ماسٽر پلان کي ماحول دوست بڻائڻ لاءِ اربن فاريسٽ ۽ سولر سسٽم سان گڏ تفريحي ۽ راندين جي ميدانن تي پڻ ڌيان ڏنو وڃي، صوبائي وزير پلاننگ کاتي جي عملدارن تي زور ڀريو ته لاڳاپيل ضلعن ۾ اهڙا سيمينار منعقد ڪري انهن علائقن جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن جي راءِ ۽ شهرن جي سروي ڪري جلد ماسٽر پلان جوڙيو وڃي. ان موقعي تي سيمينار کي آگاهي ڏيندي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل اربن ڊائريڪٽوريٽ محمد علي کوسو ٻڌايو ته گلوبل سروي مطابق سال 2050ع تائين دنيا جي 60 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رھائش پذير هوندي، دنيا ۾ 80 سيڪڙو معاشي سرگرمين ۾ شهرن جو حصو آهي ۽ شهرن کي معاشي حب سمجهيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي پاران ڪنسلٽنٽس جي ذريعي سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھه، نوشهروفيروز، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ سميت 17 مک ۽ وڏن شهرن جو پائيدار ترقي ۽ عوام جي سهولت لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو ويو آهي. سيمينار ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن محسن علي شاھه، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد تاشفين عالم ماسٽر پلان جي تياري شروع ڪرڻ تي سرهائي جو اظهار ڪيو. سيمينار ۾ سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين غلام قادر چانڊيو، وي سي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، ايم پي اي خان محمد ڏاهري، ممتاز علي چانڊيو، ڊي سي سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا، اڳوڻي نائب ناظم حسن شاھه، علي اڪبر جمالي، عظيم مغل ۽ ٻين پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button