پاڪستانسنڌ

صادق فقير ڪاليج ۾ مسعود احمد لائبريري ۽ شامداس پارڪ قائم

مٺي: صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد مسعود احمد ڊجيٽل لائبريري ۽ پروفيسر شامداس جوشي پارڪ جو افتتاح ڪيو ويو. ڊجيٽل لائبريري ۽ پارڪ جو افتتاح ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ۽ ڊي سي ٿر محمد نواز سوھو ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي چيو ته ڊاڪٽر محمد مسعود احمد ۽ پروفيسر شامداس جوشي جھڙا ڪردار اسان جا رول ماڊل آهن، جن پنهنجي تعليمي ادارن ۾ پنهنجو گھر سمجھي خدمت ڪئٔي، انھن معزز شخصيتن ٿر جو نالو روشن ڪيو آهي، مٺي ڪاليج ۾ فئڪلٽي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، فئڪلٽي جون محنتون ڏسي دلي خوشي ٿي. ڊي سي محمد نواز سوھو چيو ته تعليم ذريعي اسان پنهنجي دنيا تبديل ڪري سگھون ٿا، ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ سٺو عمل آهي ۽ اسان کي پنهنجو ڌيان وڌ ۾ وڌ تعليم تي ڏيڻ گھرجي. تقريب کي خطاب ڪندي پرنسيپال ڪيلاش واسو چيو ته لائبريريون ذرخيز ذھن پيدا ڪنديون آهن، اسان خوش نصيب آهيون جو اسان جي تعليمي اداري کي ڊاڪٽر مسعود ۽ پروفيسر شامداس جوشي جھڙا استاد ۽ اسڪالر مليا. ان موقعي تي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ۽ ڊي سي ڪاليج لا بائونڊري وال ٺھرائي ڏيڻ ۽ فئڪلٽي لا ذاتي ڪوششون وٺڻ جي ڳالهه ڪئٔي. تقريب ۾ پروفيسر نوراحمد جنجھي، پروفيسر پرکومل، پروفيسر ڀواني شنڪر سوني، پروفيسر مشتاق دل ماما وشن ٿري، پروفيسر دولت رام کتري، ونود ملاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئٔي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button