پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٿر جي عورتن جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص: ٿرپارڪر جي ڳوٺ چانداڻو ڪولھي جي ڪولھي برادري جي عورتن ۽ مردن ميرپورخاص پھچي صحافين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پارو ڪولھي، ناگجي، لڇمڻ، ڪملا، گومي ۽ ٻين ٻڌايو تھ ڪجهه ڏينھن پھرين علائقي جي بااثرن ڪامريڊ ناگجي ڪولھي، چنديو، والجي ڪولھي، ويرجي ۽ رتنو ڪولھي اسان جي گھرن ۾ گھڙي نياڻين جي عزتن ۾ ھٿ وڌا ۽ اسان جي عورتن توڙي ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، اسان جي نياڻين کي زوري اغوا ڪرڻ توڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ملي رھيون آھن، بااثرن پاران اسان جا رستا بند ڪري جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. ھنن ڊي آ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿر پارڪر کان مطالبو ڪيو تھ بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button