
ڇور: ڇور ۽ نيوڇور ۾ “سنڌ ايڪسپريس” جي سڏ تي قومي عيد ملهائي وئي. مختلف ھنڌن کان ريليون ڪڍي نوجوانن قومي گيتن تي رقص ۽ جھمريون ھڻي سنڌ ما کي ڀيٽا پيش ڪئٔي ۽ سنڌ سان محبت جو اظھار ڪيو. پرٿوي سوڍو، نريندر سنگھه سوڍو، نور سنڌي، ڪامريڊ ديشي، رميش ڪمار، ڪيلاش، ڪامريڊ ڏيون بجير، وفا درجن چوھاڻ، جھامن داس، گرداري لعل، ڪامريڊ آسن ۽ ٻين ثقافتي ريليون ڪڍي ثقافتي ويس وڳا پائي پريس ڪلب پھتا. جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو ماٿري جي ھزارين سال قديم ثقافت جا سمورا رنگ نروار ڪرڻ لا ڏھاڙو قومي ڪاڄ طور ملھائي رهيا آهيون.