پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ پوليس جي مقابلي ۾ 2 هٿياربندن کي مارڻ جي دعوا، شهري سميت 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي سيڪٽر اليون منگل بازار وٽ مبينا مقابلي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا ۽ شهري سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته 6 جوابدارن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 2 مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 3 فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ شهري کي هٿ ۾ گولي لڳي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button