پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 2 ڄڻا زخمي، هڪ جوابدار سوگهو

ڪراچي: ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 5 ٻارن جي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب نارٿ ناظم آباد بلاڪ سي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن اسٽريٽ ڪرمنل هٿياربندن ڪار سوار شهري کي روڪي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شهرين جي مدد سان هڪ جوابدار ڪامران کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو.

ريسڪيو اهلڪارن ڪار ۾ سوار رحيم بخش کي اسپتال پهچايو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته رحيم بخش اسپيئر پارٽس ۽ تعميرات جو ڪم ڪندو هو، 5 ٻارن جو پيءُ هو ۽ 2 شاديون ڪيون هيون. رحيم بخش شادي جي تقريب مان گهر واپس اچي رهيو هو ته واقعو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button