پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ حددخلين خلاف آپريشن، دڪانن آڏو ڇپرا ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا

ميهڙ: ميهڙ ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر عيسى خان پٺاڻ، مختيارڪار الله بخش مگسي، موٽروي پوليس جي انچارج عبدالصمد ابڙو پوليس ۽ ميونسپل انتظاميا سان گڏجي ميهڙ با پاس تي ڪيترن ئي دڪانن آڏو ڇپرا ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.

جڏهن ته دڪاندارن الزام هنيو آهي ته اسان کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو، بنا نوٽيس جي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ميهڙ ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪري گهر، شاپنگ سينٽر ۽ بنگلا اڏيندڙ بااثرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ٿئي، صرف غريب دڪاندارن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button