پاڪستانسنڌ

شهرين کي صاف ماحول فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي: وزير بلديات ۽ ٻهراڙي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سيد ناصر حسين شاهه ڪالهه لياري ايڪسپريس وي سان ملندڙ ضلعي ڪياماڙي جي نئين تعمير ٿيل اما ڪلثوم ۽ اما نسيمه پارڪ ۾ ٻُوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سيڪريٽري جنيد، وڏي وزير جو ڪياماڙي بابت خاص معاون محمد آصف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ خليل هوت، يوسف بلوچ، نادر گبول ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ضلعي ڪياماڙي جا آفيسر پڻ موجود هئا.

ان موقعي تي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پنهنجي شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ٻار پڻ وڻڪاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ وڻن جي پرورش ۽ سار سنڀال بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي. هن ان موقعي تي موجود اسڪول جي ٻارن کي وڻڪاري ۾ دلچسپي کي ساراهيو ۽ چيو ته وڻڪاري پڻ تعليمي عمل جو ئي هڪ حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي واضح هدايتون آهن ته صوبي جي سمورن ضلعن ۾ راندين جي ميدانن ۽ پارڪن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button