ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري اين اي 133 جي ضمني چونڊن تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو لڳائڻ وارن کي ووٽرن جي عزت به ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته لاهور جي بھادر ماڻهن گذريل ڏينهن جي چونڊن ۾ شهيدن ۽ بھادرن جي پارٽي کي عزت ڏني.
ھن چيو ته (ن) ليگ طرفان پ پ تي ووٽ خريد ڪرڻ جو الزام لڳائڻ شرمندگيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، ھن اھڙين ڳالهين جو اظهار ڪالهه پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. شازيا مري چيو ته آصف زرداري جي رھنمائي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ عوام جي فتح ٿيندي ۽ لاھور جي قومي اسيمبلي جي تڪ 133 جي ضمني چونڊن دوران پيپلزپارٽي سياسي ۽ اخلاقي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.
ھن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ شڪست جي خوف کان ضمني چونڊن جي ميدان ڇڏي ڀڄي وئي ۽ پي ٽي آءِ کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ نه پر ماڻهن جون بددعائون ملنديون. شازيه مري چيو ته اسان جي قيادت ڏکين حالتن کي منهن ڏنو آهي ۽ مشڪلاتن جي خوف کان ڪڏهن به ملڪ مان ڀڄي ناھي نڪتي.