ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد جي اسسٽنٽ ڪمشنر نذير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ عدالت جو حڪم ڄاڻائي شهر جي وارڊ نمبر 6 جي ڪچي آبادي ۾ سرڪاري پراپرٽين تي قبضن خلاف خلاف آپريشن ڪيو ويو، اي سي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي موجودگي ۾ ملازمن ڪچي آبادي ۾ ويٺل خليل احمد، شڪيل احمد، جاويد ۽ عامر آرائين سميت 6 ڄڻن جي گهرن ۽ عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف متاثرن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري اي سي نذير ميمڻ خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي متاثرن چيو ته 50 سالن کان به اڳ جا ڪچي آبادي ۾ اجها اڏي ويٺل آهيون، اسان کي ٽائون انتظاميا ۽ مختيارڪار آفيس مان اين او سي مليل آهي، اساني پوسٽ آفيس يا ان جو ڪو پلاٽ نه ڏٺو آهي. اي سي بغير نوٽيس ڏيڻ ۽ ايراضي جو رڪارڊ ڏيکارڻ جي گهر ڊاهي پٽ ڪري دربدر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي. هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته اجها ڊاهي بي گهر ڪندڙ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر نذير ميمڻ ٻڌايو ته عدالت جي حڪم تي سرڪاري زمينن تان قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو آهي. وارڊ نمبر 6 ۾ 2002ع ۾ ڪمشنر ميرپورخاص پوسٽ آفيس لاءِ پلاٽ الاٽ ڪيو هو، جنهن تان قبضا هٽايا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close