پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ آر او پلانٽ ملازمن کي 8 مهينن کان پگهارون نه مليون، ڌرڻو

مٺي: مٺي ۾ آر او پلانٽ ملازمن 8 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ملازمن اوسلو ڪمپني انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آر او پلانٽ ملازمن عرفان بجير، بابو مهراڻ پوٽو، قبول بجير ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل 8مهينن کان پگهارن کان محروم آهيون، 6 مهينن جون اوسلو ڪمپني ۽ 2 مهينن جون پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڏانهن پگهارون رهيل آهن، اسان جا ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، اسان 8 مهينن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون، اوسلو ڪمپني انتظاميا پگهارن لا رڳو دلاسي ڏئي رهي آهي، سنڌ سرڪار پاران تازو مزدورن کي 25 ھزار رپيا پگهار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، پر اسان کي اوسلو ڪمپني 12 هزار رپيا پگهار ڏيڻ جو چيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، سنڌ سرڪار اوسلو ڪمپني کي 44 ڪروڙ جاري ڪيا آهن، ان باوجود ٿرپارڪر جا ڪيترائي آر او پلانٽ بند آهن. هنن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي رهيل پگهارون ڏياريون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button