پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص خاص ۾ آپريشن، 15 دڪان ڊاهي پٽ، متاثرن جو احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ عدالتي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان کٽي پوليس اٽالن سان گڏ ڳري مشينري ساڻ ڪري ميرپورخاص_حيدرآباد روڊ تي قائم حددخلين خلاف آپريشن ڪيو. عملي ڪپڙن، جوتن ۽ پرچون سميت مختلف شين جا 15 کان وڌيڪ دڪان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، آپريشن دوران ملازمن دڪانن اڳيان قائم ڇپرا ۽ دڪا پڻ ڊاهي ڇڏيا. ڪارروائي دوران بااثرن جي شاپنگ مالز کي ڊاھڻ بدران عملو واپس موٽي ويو. هوڏانهن آپريشن ۽ بااثرن جا شاپنگ مال نه ڊاهڻ خلاف متاثر دڪاندارن احتجاجي مظاهرو ڪري مختلف رڪاوٽون وجھي روڊ بلاڪ ڪري روينيو عملي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شعيب ميمڻ، ممتاز، ناصر، برڪت ۽ ٻين چيو تھ اھو ڪٿان جو قانون آھي ته اسان دڪاندارن کي سامان ڪڍڻ بھ نھ ڏنو ويو ۽ دڪانن کي ڊاھي پٽ ڪيو ويو، پوليس ذريعي اسان کي حراسان ڪيو ويو آھي. بااثرن جا 20 کان وڌيڪ شاپنگ مالز ۽ پلازا ٺھيل آھن، انھن خلاف ڪارروائي ناھي ڪئي وئي، جيڪا سراسر زيادتي آھي. انتظاميا عدالتي حڪم جي آڙ ۾ غريب ماڻھن کي نشانو بڻائي رھي آھي، اھڙي عمل خلاف عدالت ۾ وينداسين. ھوڏانھن شاپنگ پلازہ جي مالڪن رميش مالھي ۽ ٻين چيو تھ اسان جا شاپنگ مالز قانوني آھن، جن جون رجسٽريون پڻ موجود آھن. ٻئي طرف ھا وي عملدار يونس غوري چيو تھ ڄاڻايل شاپنگ مالز پراونشل جي زمين تي قائم آھن، جن جي اسان پاران ڪا رجسٽري نھ ڏني وئي آهي. روينيو عملدارن جعلي رجسٽريون ٺاھي قبضا مافيا کان قبضا ڪرايا آھن، اسان اھڙي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪنداسين، پراونشل ھا وي جي زمين تان سموريون غير قانوني اڏاوتون ڊاهينداسين. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان کٽي چيو تھ عدالتي حڪم بعد ڪارروائي ڪري رھيا آھيون، دڪاندارن کي 15 ڏينھن اڳ دڪان خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا، ڪجهه شاپنگ مالز جي مالڪن وٽ رجسٽريون آھن، ان بابت ڊي سي ميرپورخاص کي آگاھي ڏني آھي، ڊي سي سان گڏجاڻي بعد ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button