پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ گم ٿيل معصوم ٻارڙي جو سم نالي مان لاش مليو

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ جي ديهه 362 جي ڳوٺ جاني خاصخيلي مان 2 ڊسمبر تي گم ٿيل 4 سالن جي ٻارڙي پارشا ڌي نيمجي ڪولھي جو لاش ايل بي او ڊي سم نالي ۾ لڳل رڇ مان مليو. اطلاع ملڻ تي وارثن پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪري لاش ڪڍرايو ۽ گهر کڻي ويا. هوڏانهن واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. معلوم ٿيو آهي ته ٻارڙي 5 ڏينهن اڳ گم ٿي وئي هئي، وارثن ڳولا به ڪئي، پر ٻارڙي نه ملي، وارثن گمشدگي بابت پوليس کي به اطلاع ڏنو. گذريل ڏينهن ٻارڙي جو لاش مڇيون ڦاسائڻ واري رڇ ۾ ڦاٿل حالت ۾ مليو. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button