سنڌ

شڪارپور ۾ آر او پلانٽ آپريٽرن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

شڪارپور ۾ آر او پلانٽ آپريٽرن جو 6 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٻڪرو ساڻ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ملازمن ولي محمد بروهي، اويس مهر، محمد اسحاق بروهي، بلاول جوڻيجو، علي رضا دل، ڪليم اللّه سومرو، ياسين ڪوريجو، مقصود وڳڻ، اصغر بروهي ۽ ٻين چيو ته ريگيولر ڊيوٽي ڪرڻ باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي پاران مهينن جا مهينا پگهارن لاءِ دربدر ڪيو وڃي ٿو ۽ گذريل ڇهن مهينن کان وٺي پگهار نه ملڻ ڪري گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ڇانيل آھي،هنن چيو ته سنڌ حڪومت ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار پگهار ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي پر ان تي عمل ناهي ٿيو. هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ جو ٺيڪيدار نواز بگٽي اسان جي مقرر ساڍا سترهن هزار پگهار مان به ڪٽوتي ڪندي رڳو ماهوار 10 هزار رپيا ڏيندو هو جيڪا به ڇهن مهينن کان وٺي ناهي ملي. هنن ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري رهيل پگهارون ڏياري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button