سنڌ

لکي غلام شاهه ۾ نوجوان جي اغوا خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

لکي غلام شاهه واسي هفتو اڳ اغوا ٿيل هوٽل مالڪ روشن ڀٽو جو نوجوان پٽ زوهيب ڀٽو بازياب نه ٿي سگهيو. مغوي جي بازيابي لا لکي ۾ شهري اتحاد، آل ٽريڊرس يونين، جي يو آ ۽ جسقم پاران شٽربند هڙتال ڪري شهرين شاهي بازار کان ريلي ڪڍي لکي پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مغوي جي وارثن روشن علي ڀٽو، عامل مهر، وزير علي مهر، مولانا رحيم بخش مھر، مولا بخش ميمڻ، ڊاڪٽر نظير ميمڻ، منظور احمد ڀٽو، سليم چنا، محمد حيات مهر، قاري غلام علي مهر، سليمان ڀٽو، ارباب علي مهر، مرتضىٰ لاڙڪ، قربان مهر، امداد پيرزادو، علي رضا ڀٽو، راجا ڀٽو، اياز ڪولاچي، بابر ميمڻ، شمن مهر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 8 ڏينهن ويا آهن نوجوان گم ٿيل آهي پر پوليس مغوي جي بازيابي لا ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي نه ئي وارثن وٽ لڙي آئي آهي. هنن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور نااهل ثابت ٿيو جنهن جي ڪارڪردگي زيرو آهي. هنن چيو ته حد جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي به گم آهن جيڪي هن مهل تائين وارثن کان پڇڻ به نه آيا آهن، هنن چيو ته ووٽ وٺڻ مهل چونڊيل نمائيندا نه گرمي ٿا ڏسن نه سردي هڪدم پهچي ٿا وڃن پر افسوس جو هنن جو ووٽر گم آهي سڄو شهر پريشان آهي پر چونڊيل نمائيندا گم لڳا پيا آهن. هنن چتا ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پوليس 24 ڪلاڪن اندر نوجوان کي بازياب نه ڪرايو ته احتجاج جي دائرو وڌايو ويندو ۽ ٻٻرلو با پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو، جنهن جي ذميوار انتظاميا هوندي. ٻئي طرف مغوي زوهيب جي بازيابي لا وارثن ٽنڊو باگو وارو ڪلمي قرآن پاڪ کڻي پڪي توڙي ڪچي ۾ گهمايو آهي ان باوجود مغوي نوجوان جو ڪٿان ڏس پتو ناهي ملي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button