پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ بدلياتي چونڊون ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو،آرڊيننس منظور

لاهور :پنجاب حڪومت بدلياتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڪابينا لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ آهي ته نئون بلدياتي نظام صوبي جي عوام کي حقيقت ۾ بااختيار بڻائيندو ۽ نئين بلدياتي نظام کي صلاح مشوري سان حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ذريعن موجب نئين بلدياتي ايڪٽ تحت اليڪشن جماعتي بنيادن تي ٿينديون ۽ ان سلسلي ۾ آرڊيننس ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2019ع جي ايڪٽ تحت 455 بلدياتي ادارا قائم ڪيا ويا هئا ۽ 2013ع جي بلدياتي ايڪٽ ۾ بلدياتي ادارن جو انگ 239 هو. جڏهن ته نئين بلدياتي ترميمي آرڊيننس تحت پنجاب ۾ 46 بلدياتي ادارا قائم هوندا. ذريعن موجب نئين بلدياتي آرڊيننس ۾ 11 ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۽ 35 ضلعي ڪائونسل هونديون. ڳوٺاڻن علائقن ۾ 3433 وليج ڪائونسل بڻايون وينديون. جڏهن ته شهري علائقن ۾ 2 هزار 171 نيبر هڊ ڪائونسل بڻبيون. ذريعن ٻڌايو ته بلدياتي چونڊن ۾ بيلٽ پيپرز جو انگ گھٽائي ٻه ڪيو ويو آهي جنهن تحت شهري علائقن ۾ ميٽروپوليٽن ۽ نيبر هڊ جو بيلٽ پيپر هوندو. جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقي ۾ ضلعي ڪائونسل ۽ وليج ڪائونسل جو بيلٽ پيپر هوندو. ذريعن موجب لاهور ميٽرول پوليٽن ڪارپوريشن ۾ ميئر سميت ميمبرن جو انگ 70 هوندو. لاهور مان هڪ لارڊ ميئر ۽ ٻه ڊپٽي ميئر هوندا، جنرل ڪائونسلز جو انگ 28 هوندو ۽ 42 مخصوص سيٽون هونديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button