
پشاور: خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعي ٽانڪ ۾ پوليو ٽيم مٿان حملي ۾ سيڪيورٽي تي مقرر هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. پوليس ذريعن موجب ڳوٺ ڇدرڙ ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پوليو سيڪيورٽي ٽيم تي حملو ڪيو، حملي دوران پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي. جڏهن ته شهيد اهلڪار ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊي پي او ٽانڪ سجاد احمد ٻڌايو ته حملي آور فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.