پاڪستانپنجاب

نالائق حڪومت کي آڻڻ ۾ مدد ڪندڙ ان کي هٽائڻ ۾ به مدد ڪن: رانا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جن ماڻهن نالائق حڪومت کي ملڪ مٿان مڙهڻ ۾ مدد ڪئي هاڻ اهي کين هٽائڻ ۾ به عوام جي مدد ڪن. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته ڪالهه 5 روپيه في يونٽ بجلي جي قيمت وڌائي وئي. ڊالر جي قيمت 200 رپين تائين پهچي وئي ته ملڪ جي معيشت جو ڇا ٿيندو؟ غريب ۽ پگهاردار ماڻهو ڪيئن گذارو ڪندا. هن چيو ته نااهل ٽولو ملڪ کي تباهي طرف کڻي وڃي رهيو آهي. عوام ٻاهر نڪري، هن نااهل ۽ نالائق ٽولي کي نه هٽايو ويو ته ملڪ کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button