پاڪستانپنجاب

مني بجيٽ جي قومي اسيمبلي مان منظوري قومي آپگهات هوندو: شهباز شريف

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ صدر مسلم ليگ (ن) شهباز شريف چيو آهي ته مني بجيٽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ قومي خودڪشي هوندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مني بجيٽ روڪڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداسين. پاڪستان جي معاشي خودمختياري خطري ۾ آهي. مني بجيٽ سان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ تباهه ڪندڙ اثر پوندا. شهباز شريف چيو ته حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين جي احساس کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. حڪومت قومي سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. هن چيو ته هڪ ٻيو مني بجيٽ ڪينسر جو علاج ڊسپرين سان ڪرڻ جي برابر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button