پاڪستانپنجاب

سيالڪوٽ سانحي ۾ گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس جيل ۾ هلندو

سيالڪوٽ: سيالڪوٽ سانحي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جو ٽرائل جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آر پي او گوجرانوالا موجب ڪيس جي روزانو شنوائي جيل ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج جيل ۾ وڃي ڪيس جي شنوائي ڪندو. عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيالڪوٽ سانحي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جو جيل ٽرائل ڪرڻ جا باقاعدا حڪم جاري ٿي چڪا آهن. سيالڪوٽ فيڪٽري واقعي ۾ گرفتار جوابدارن جو جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ لاءِ ڊي پي او عدالت کي گهرو وزارت ذريعي درخواست موڪلي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button