پاڪستانغير درجه بندي

پاڪستان ۾ گليشيئر ڳرڻ سبب ٺهندڙ ڍنڍن ۾ پنجوڻ تي واڌ

اسلام آباد: گلگت بلتستان ۽ اتر وارن علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سبب گذريل ٽن سالن کان گليشيئر تي ٻڌل ڍنڍون ٺهڻ ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم جي آب هوا ۾ تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته عالمي تپش ۾ واڌ سبب گلگت بلستان ۾ گليشيئر رجڻ سان ٺهندڙ ڍنڍن ۾ پنجوڻ تي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هڪ عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي ملڪ امين اسلم چيو ته باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ سراسري طور گرمي پد ۾ ٻيڻ تي واڌ نوٽ ڪئي وئي آهي جنهن جو ڪارڻ هتان جي قدرتي جوڙجڪ ۽ ارضيات آهي.

آب هوا ۾ تبديلي بابت وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو آهي

هن چيو ته “هيٺين ڪيفيتن سبب اتر ۾ ظاهر ٿيندڙ آفتون سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون.” ملڪ امين موجب گليشيئر واريون ڍنڍون ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ بابت (جي ايل او ايف) ٽو منصوبي تحت ڳرندڙ گليشيئر جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي جنهن سان قدرتي سانحن کان بچاءَ ۽ تحفظ مناسب منصوبابندي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جي ايل او ايف سبب ملڪ کي درپيش ماحولياتي خطرا درپيش آهن ڇوجو موسمياتي شدت وارين انهن آفتن سان انهن جي رستي ۾ ايندڙ 70 سيڪڙو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي وڃي ٿو. ملڪ امين وڌيڪ چيو ته قدرتي ۽ فطري حل وسيلي وڌندڙ گرمي پد کي گهٽائي سگهجي ٿو، سمنڊ جي سطح کان 14 هزار فوٽ بلندي تي موجود نيشنل پارڪ کي وسيع ڪندي سمورن پارڪن جي وچ ۾ رابطي جو ڪوريڊور ٺاهي ان مسئلي جو قدرتي نسخو ممڪن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button