
لاهور: پنجاب حڪومت مڪاني چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي ذريعي ڪرائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل آرڊيننس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ووٽنگ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته مڪاني چونڊون سيڪرٽ بيلٽ ذريعي ٿينديون. ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ڪائونسلرز جو جوائنٽ پينل هوندو ۽ سادي اڪثريت سان اميدوار ڪامياب ٿيندا. آرڊيننس موجب چونڊن ۾ سياسي پارٽي يا آزاد ماڻهو پينل جي شڪل ۾ ئي چونڊون وڙهي سگهندا. سمورين ڪيٽيگريز جي لاءِ پينل نه ڏيندڙ چونڊون وڙهڻ جي اهل نه هوندا. ان کان علاوه ڪائونسلر جي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ عمر 21 سال هوندي. ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊن لاءِ عمر 25 سال هوندي. يوٿ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال ۽ وڌ کان وڌ 32 سال هوندي. جڏهن ته چونڊيل ميمبرن کي ڪائونسل جي پهرين اجلاس جي تاريخ جي 60 ڏينهن جي اندر ميمبرشپ جو حلف کڻڻ لازمي هوندو.